تحريڪ تحفظ جو قافلو لاهور روانو، ڪارڪن ۽ پوليس آمهون سامهون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو قافلو 3 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان لاهور جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي. تحريڪ جو قافلو جي ٽي روڊ جي رستي لاهور پهچندو، جتي مختلف هنڌن تي ڪارڪنن ۽ حامين طرفان استقبال ڪيو ويندو. انهي دوري جو مقصد اسٽريٽ موبلائزيشن ۽ آئين جي بالادستي جي لاءِ عوامي رابطه مهم قرار ڏنو پيو وڃي.تحريڪ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي قيادت ۾ روانو ٿيندڙ قافلي ۾ سينئر نائب صدر علامه راجه ناصر عباس، نائب صدر مصطفيٰ نواز کوکر، سيڪريٽري جنرل اسد قيصر، اپوزيشن اڳواڻ پنجاب اسيمبلي معين رياض قريشي سميت ٻيا پنجاب اسيمبلي جا اپوزيشن ميمبر به شامل آهن.پي ٽي آءِ ذريعن موجب محمود خان اچڪزئي جي اڳواڻي ۾ تقريبن 70 گاڏين جو قافلو لاهور طرف روانو ٿيو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان قافلي جو وڏو استقبال جهلم ۾ ڪيو ويندو جڏهن ته مختلف شهرن کان ٿيندو قافلو لاهور پهچندو. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اچي رهي آهي.تحريڪ جا اڳواڻ لاهور ۾ سياسي، سماجي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندا ۽ زمان پارڪ ۾ به ملاقاتن جو شيڊول رکيو ويو آهي روانگي کان اڳ قافلي جي شرڪت ڪندڙن اجتماعي دعا ۾ به شرڪت ڪئي.لاهور روانو ٿيڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهيون ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان نه ڪنهن کي فتح ڪرڻ نه گاريون ڏيڻ نه ئي پٿر هڻڻ لاءِ نڪتا آهيون. پر اسان آئين بچائڻ ۽ ظلم جي خاتمي لاءِ نڪتا آهيون. هن عوام کي اپيل ڪئي ته جيڪو به پاڪستان ۾ آئين جي حڪمراني ۽ امن چاهي ٿو اهو هن تحريڪ جو ساٿ ڏئي.هن چيو ته ملڪ ناڪامين طرف وڃي رهيو آهي. پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن حڪومت کي خبر آهي ته انهن کي شڪست ملي چڪي آهي. محمود خان اچڪزئي ٻڌايو ته 9 فيبروري جو سڏ ڏنو ويو آهي، تحريڪ جي باقاعده شروعات ٿي چڪي آهي جنهن جي سلسلي ۾ لاهور جو دورو ڪيو پيو وڃي.فوڪل پرسن پنجاب بريگيڊيئر(ر) مشتاق چيو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وڌندڙ سرگرمين سبب صوبائي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي. مختلف شهرن ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي. هن الزام لڳايو ته گوجر خان ۾ قافلي جي استقبال لاءِ ايندڙ ڪارڪنن تي پوليس ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو.تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت موجب اهو دورو پنجاب ۾ عوامي رابطه مهم جو اهم حصو آهي جنهن جي دوران آئين جي بالادستي ۽ جمهوري حقن جي لاءِ آواز اٿاريو ويندو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ