گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

تاجڪستان مان بلوچستان تائين پاڻي آڻڻ تي غور ڪري رهيا آهيون: صدر آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان تاجڪستان کان بلوچستان تائين پاڻي آڻڻ تي غور ڪري رهيو آهي، تاجڪستان مان پاڻي آڻڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي سهڪارن سان فزيبلٽي اسٽڊي مڪمل ڪئي وئي آهي.
”علائقائي رابطا ۽ پاڪستان: اڀرندڙ موقعا“ جي موضوع تي بين الاقوامي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ علائقائي واپار ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان چين، وچ ايشيا ۽ اوڀر ايشيا کي جوڙڻ لاءِ قدرتي واپاري راهداري آهي.
هن چيو ته ڊگهي قيد دوران گوادر پورٽ جو چين سميت دوست ملڪن سان گڏيل اقتصادي مرڪز طور تصور ڪيو، سي پيڪ ۽ گوادر اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ