بينظير هاري ڪارڊصوبي جي هارين لاءِ نئين دور جي شروعات ثابت ٿيندو: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان شروع ڪيل بينظير هاري ڪارڊصوبي جي هارين لاءِ نئين دور جي شروعات ثابت ٿيندو. بينظير هاري ڪارڊ سنڌ جي هارين جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ هڪ شفاف، منظم ۽ جديد نظام آهي. هن ڪارڊ ذريعي هارين ۽ آبادگارن کي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ فراهم ڪيو پيو وڃي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته قدرتي آفتن يا فصلن کي نقصان پهچڻ جي صورت ۾ بينظير هاري ڪارڊ تحت هارين ۽ آبادگارن کي مالي مدد ڏني پئي وڃي، هي اسڪيم سڌو سنئون ننڍن هارين لاءِ لاڀائتي ثابت ٿي رهي آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت جي امداد بينظير هاري ڪارڊ ذريعي شفاف طريقي سان هارين ۽ آبادگارن تائين پهچي رهي آهي. سنڌ حڪومت جي هيءَ ڪوشش رڳو هارين جي خوشحالي تائين محدود ناهي، پر ان جو فائدو سموري ملڪ کي ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي اهڙي قدمن سان صوبي ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌندي، ملڪ جو فائدو ٿيندو، پاڪستان کي ٻاهرين ملڪن مان ڪڻڪ گھرائڻ جي ضرورت نه پوندي، مٽا سٽا وارو قيمتي ناڻو بچندو ۽ معيشت مضبوط ٿيندي. ايندڙ سالن ۾ سنڌ جا هاري جديد ٽيڪنالاجي ۽ حڪومتي سهڪار سان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪندا، جنهن جو فائدو نه رڳو صوبي پر سڄي پاڪستان کي ٿيندو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ