بيمار پيءُ کي علاج لاءِ کڻي ويندڙ نوجوان ڦر مزاحمت تي قتل

ڪنڊيارو: (ن س) مٺي کان بيمار پيء کي علاج لاء گمبٽ اسپتال کڻي ويندڙ نوجوان کان ڪنڊيارو ٽول پلازه وٽ ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي نوجوان قتل پيء ۽ ڪار ڊرائيور گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا.خبر موجب ڪنڊيارو قومي شاهراه تي واقع ٽول پلازا وٽ مٺي شھر کان پنهنجي بيمار والد کي گمبٽ اسپتال علاج لاء کڻي ويندڙ 25 ورهين جي نوجوان راشد علي ٻوڙي پوٽو ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿي ويو جڏھن ته سندس والد غلام رسول ٻوڙي پوٽو ۽ ڪار ڊرائيور ڌڻي بخش شيدي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا.ٻڌايو پيو وڃي ته قتل ٿي ويل نوجوان راشد علي ٻوڙي پوٽو پنهنجي بيمار والد غلام رسول ٻوڙي پوٽو کي گمبٽ اسپتال کڻي وڃي رهيو هيو ته ٽول پلازا ڪنڊيارو وٽ ھٿياربندن سندن ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ڪار نه بيهارڻ تي هٿياربندن ڪار مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني.هوڏانهن اطلاع ملڻ تي ڪنڊيارو پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پر هٿياربند فرار ٿي ويا قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال ڪنڊيارو آندو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد بيمار زخمي والد لاش ڳوٺ کڻائي ويو ايس ايڇ او ڪنڊيارو منعم لاڙڪ موجب واقعو رات 3 وڳي پيش آيو آھي اسان واقعي واري هنڌ تان لاش تعلقه اسپتال پهچايو آھي پوليس پارٽي ڦورن جي پويان ويل آھي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ