بنون ۽ لڪي مروت ۾ آپريشن، 5 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا

لڪي مروت: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۽ لکي مروت ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪامياب آپريشن دوران 5 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا.رپورٽ موجب ضلعي بنون ۽ لکي مروت جي سرحدي علائقي تختي خيل/هويد ۾ فتنه الخوارج جي موجودگي تي ضلعي پوليس ۽ سي ٽي ڊي گڏيل آپريشن ڪيو.آپريشن جي دوران پوليس کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل رهي، ريجنل پوليس آفيسر بنون سجاد خان جي نگراني ۾ آپريشن جاري رهيو.ڪامياب آپريشن ۾ هينئر تائين 5 خوارج مارجي ويا آهن جڏهن ته پوليس اهلڪار محفوظ رهيو. علائقي جي رهواسين چيو ته عوام جو وڏو تعداد پوليس سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي. امن جي لاءِ خيبرپختونخواهه جي دلير جوانن سان گڏ آهيون.ريجنل پوليس آفيسر بنون سجاد خان چيو ته امن امان جي قيام ۽ عوام جي حفاظت لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس جا جوان هر وقت تيار آهن. آءِ جي پي خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد لکي/بنون پوليس کي شاباس ڏني.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ