ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ قلم 144 تحت موٽرسائيڪلن تي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي.گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، قلم 144 تحت هٿيارن جي نمائش تي به پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته رنگين درين ۽ غير رجسٽرڊ گاڏين تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ان کان علاوه 5 يا وڌيڪ ماڻهن جي گڏجاڻين، جلوسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي مڪمل پابندي هوندي.گهرو کاتي موجب، عوامي هنڌن تي مفلر يا ڪنهن ٻئي شيءِ سان منهن ڍڪڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهي پابنديون فوري طور تي لاڳو ڪيون وينديون ۽ خلاف ورزي جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.







