راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته 29 جنوري تي بلوچستان ۾ ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ هندستاني پراڪسي تنظيمن جا 41 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب، هرنائي ضلعي جي ٻاهرئين حصي ۾ انٽيليجنس اطلاعن تي هڪ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو.هرنائي ۾ سخت فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ، هندستاني سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ 30 خوارج مارجي ويا.مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق فتنا الخوارج ۽ فتنا الهندستان سان هو. مارجي ويل دهشتگردن کان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، جيڪي موقعي تي تباهه ڪيا ويا.ٻيو آپريشن پنجگور ضلعي ۾ هڪ ٻئي انٽيليجنس اطلاعن تي ڪيو ويو، جنهن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو ۽ فتنا الهندستان سان تعلق رکندڙ 11 هندستاني حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا.مارجي ويل دهشتگرد ماضي ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار، گولا بارود ۽ بينڪ ڦرلٽ مان لُٽيل پئسا به هٿ ڪيا ويا آهن. هٿ ڪيل پئسا 15 ڊسمبر 2025 تي پنجگور ۾ ٿيل بينڪ ڦرلٽ سان لاڳاپيل آهن.آءِ ايس پي آر چيو ته علائقي ۾ وڌيڪ هندستاني حمايت يافته دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.







