بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي بارکھان ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي ڪري شهري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا.زلزلي جي مرڪز موجب، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.0 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي کوٽائي 25 ڪلوميٽر زمين هيٺ هئي. زلزلي جو مرڪز بارکھان کان تقريباً 30 ڪلوميٽر اوڀر ۾ واقع هو.زلزلي جي نتيجي ۾ اڃا تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي، تنهن هوندي به، شهري احتياط سان پنهنجا گهر ۽ عمارتون ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن هليا ويا. انتظاميا موجب، صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ