بدين:(رپورٽر) بدين ۾ اڄوڪي ڏينهن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.بدين جي نجي شادي هال حيدرآباد روڊ تي شادي ۾شرڪت ڪندڙن جي موٽر سائيڪل سان ڪار جو ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا ٽنڊو باگو واسي اختيار علي عرف پيار علي ڪاتيار ۽ دلدار ملاح فوت ٿي ويا جڏهن ته بدين جي ٽنڊو غلام علي روڊ تي باء پاس لڳ تيز رفتار ٽرڪ ۽ مرغين سان ڀريل مزدا جي آمھون سامھون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ مزدا ۾ سوار ماتلي واسي 28 ورھين جو رشيد پٺاڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀاء صدام پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيو.فوتي جي لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال آندو ويو جتي زخمي صدام کي طبي امداد ڏيڻ کان پوء سول اسپتال حيدراباد منتقل ڪيو ويو. آهي هڪ ئي ڏينهن تي روڊ حادثن ۾ ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي بدين واسين ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٽريفڪ قانون تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.







