اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بجلي 48 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، سي پي پي اي ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ لاءِ نيپرا کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.سي پي پي اي موجب ڊسمبر ۾ 8.487 ارب يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي.ڊسڪوز کي 8.2 ارب 80 لک يونٽ بجلي فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته بجلي جي في يونٽ قيمت 9.62 رپيا هئي.نيپرا اٿارٽي 29 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي.







