گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد اسرائيلي قيد مان آزاد، ”اسان کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو‏“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تصديق ڪئي آهي ته جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد کي اسرائيلي قيد مان آزاد ڪيو ويو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪستي جاري هڪ بيان ۾ اسحاق ڊار اڳوڻي سينيٽر جي آزادي جي تصديق ڪندي لکيو ته ”مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد کي آزاد ڪيو ويو آهي.“
پرڏيهي وزير چيو ته ”هو هن وقت عمان ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ موجود آهي، جتي کيس مڪمل سهولت ۽ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ وطن واپسي لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن.“
اسحاق ڊار پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ چيو ته ”مان انهن هڙني دوست ملڪن جو ٿورائتو آهيان جن ان معاملي ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي کاتي سان سهڪار ڪيو.“
واضح رهي ته 2 آڪٽوبر تي ”گلوبل صمود فلوٽيلا“ ۾ شامل ٻيڙين تي 500 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جن کي اسرائيلي فورسز گرفتار ڪري ورتو هو.
فلوٽيلا ۾ اطالوي سياستدان ۽ سوئيڊن جي ماحولياتي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ سميت پاڪستان جو اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان ۽ هڪ ٻيو پاڪستاني شهري سيد عذير نظامي پڻ شامل هو.
سينيٽر مشتاق احمد پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ چيو ته ”مان پنهنجي 150 ساٿين سان گڏ هاڻي اردن پهچي چڪو آهيان، پنج کان ڇهه ڏينهن اسرائيلي جيل ۾ رهڻ کان پوءِ اسان کي آزادي ملي آهي.“
هن چيو ته ”اسرائيلي جيل ۾ اسان کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، اسان جي هٿن ۾ هٿڪڙيون، پيرن ۾ ٻيڙيون ۽ زنجيرون وڌيون ويون، اکيون ٻڌيون ويون ۽ اسان تي بندوقون تاڻيون ويون.“
مشتاق احمد جو وڌيڪ چوڻ هو ته ”اسان پنهنجي مطالبن لاءِ ٽن ڏينهن تائين بک هڙتال ڪئي، پر اسان کي پيئڻ لاءِ پاڻي، هوا ۽ طبي سهولتن کان محروم رکيو ويو، ايتري حد تائين جو اسان کي ڪنهن به شيءِ تائين رسائي نه ڏني وئي.“

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ