اچڪزئي جو پاڪ فوج بابت ڏنل بيان غير ذميواراڻو آهي:خواجه آصف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي جي پاڪ فوج بابت بيان کي غير ذميوارانو قرار ڏئي ڏيو.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اپوزيشن اڳواڻ چيو ته پاڪستان جي فوج چئن ضلعن جي فوج آهي. انهي کان وڏو ٻيو ڪوبه غير ذميوارانو بيان نٿو ٿي سگهي.هن چيو ته محمود اچڪزئي مان اهڙي اميد نٿي ٿي سگهي، هن وقت پاڪ فوج جي سڃاڻپ قومي آهي. دفاع واري وزير چيو ته پنج سالن ۾ 3 هزار هڪ سئو ايڪيتاليهه اهلڪار شهيد ٿيا، ڪشمير، بلوچستان، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ جا آفيسر ۽ جوان شهيد ٿيا. هن چيو ته محمود اچڪزئي نظريات رکي حملا نه ڪري پاڪ فوج ڪنهن صوبي يا ضلعي جي فوج نه آهي، دهشتگردي جي هن جنگ ۾ اسان روزانو نقصان کڻي رهيا آهيون. جڏهن ته بلوچستان ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا آهن.هن چيو ته اسلام ۾ رتوڇاڻ جي اجازت نه آهي. اسان پنهنجي مفادن ۽ اقتدار جي جنگ وڙهي رهيا آهيون جيڪڏهن مان رت سان ڇڪيل لڪير کي ڪراس ڪنداسين ته ايوان ۾ ويهڻ جو حق نه آهي. منهنجو محمود خان اچڪزئي سان پراڻو تعلق آهي انهي مان اها اميد نه هئي. خواجه آصف چيو ته ڇا پاڪستاني فوج چئن ضلعن جي فوج آهي. هن چيو ته پنجابين جا سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي پنجابي مزدورن کي قتل ڪيو ويندو آهي. انهي کي صوبائيت جو رنگ نه ڏنو ويو هن چيو ته منهنجي انگن اکرن کي چيلينج ڪريو ته اها چئن ضلعن جي فوج آهي. خواجه آصف چيو ته انهي قسم جو غير ذميوارانو بيان انهي عهدي جي تذليل آهي اها پوري قوم جي جنگ آهي ڪنهن ضلعي جي نه.هن چيو ته اسان افغان سان امن سان رهڻ چاهيون ٿا، دهشتگردي جي خلاف هر صوبي رت جي قرباني ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين ۽ اصولن تي اسان جو ڪوبه اختلاف نه آهي. اسان پنهنجي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺنداسين.قومي اسيمبلي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد به گڏيل طور تي منظور ڪئي. جنهن کي دفاع واري وزير خواجه آصف پيش ڪيو. ايوان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪيو ۽ پاڪ فوج جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ