ڪراچي(ويب ڊيسڪ)متحده عرب امارات، سنگاپور ۽ نارويءَ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جي عالمي استعمال ۾ نمايان برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ھن ڊوڙ ۾ تمام پٺ تي آھي، جتي آبادي جو صرف ھڪ محدود حصو روزاني زندگي ۾ AI اوزارن جو استعمال ڪري ٿو. ھي انڪشاف مائڪروسافٽ جي AI اڪنامي انسٽيٽيوٽ جي نئين رپورٽ “AI Diffusion Report 2025” ۾ ڪيو ويو آھي. رپورٽ ۾ 170 ملڪن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي واڌ، ان جي استعمال، ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ ان جي ضم ٿيڻ جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو ويو آھي. رپورٽ موجب، متحده عرب امارات ۽ سنگاپور ۾ ڪم ڪندڙ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو باقاعدگي سان آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) استعمال ڪري رھيا آھن، جن جي ڪري ھي ٻئي ملڪ عالمي درجابندي ۾ مٿان ترين پوزيشن تي پھچي ويا آھن.







