ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي گل پلازا ۾ لڳل ٽئين درجي جي باهه تي 13 ڪلاڪن کان پوءِ به ضابطو نه اچي سگهيو. عمارت جو هڪ ٻيو حصو صبح سوير ڪري پيو، جنهن ۾ هڪ فائر فائٽر سميت ڇهه ماڻهو مارجي ويا ۽ دونھين جي ساهه کڻڻ سبب ڪيترائي زخمي ٿيا. انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٽن منزلن واري عمارت ۾ 1,000 کان وڌيڪ دڪان آهن. زميني ۽ ميزانائن فرش مڪمل طور تي سڙي ويا آهن، جڏهن ته مٿيون ٻه منزلون اڃا تائين باهه ۾ آهن،فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته شهر جا سڀئي فائر ٽينڊر باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستان نيوي جي سنورڪل ۽ ٻه فائر ٽينڊر پڻ بچاءُ ۽ فائر فائٽنگ آپريشن ۾ شامل آهن. چيف فائر آفيسر چيو ته باهه ڇنڇر جي رات لڳ ڀڳ 10:15 وڳي لڳي ۽ ان کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو ويو، ۽ سڄي شهر مان فائر ٽينڊر طلب ڪيا ويا. باهه جي ڪري عمارت جي هڪ حصي جو ستون ٽٽي پيو آهي، ۽ پوري عمارت ۾ دراڙون نظر آيون آهن.ريسڪيو عملدارن چيو ته شاپنگ پلازا ۾ ڪيترائي ماڻهو ڦاٿل هجڻ جي خبر آهي. باهه شاپنگ پلازا جي ٻئي منزل تي لڳي. باهه زمين ۽ پهرين منزل تي دڪانن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. شاپنگ پلازا ٻن منزلن گرائونڊ فلور ۽ ٻيو منزل تي مشتمل آهي،سينئر فائر آفيسر عارف منصوري چيو ته فائر فائٽر گل پلازا ۾ داخل نه ٿي سگهيا، گرمي پد وڌيڪ هجڻ ڪري، اندر داخل ٿيڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون. فوت ٿيل چئن ڄڻن جي سڃاڻپ فراز، ڪاشف، عامر ۽ شهروز جي نالي سان ٿي. چيف فائر آفيسر جو چوڻ آهي ته عمارت ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن کان پوءِ باهه وڌيڪ پکڙجي وئي، ڌماڪو گئس ليڪ ٿيڻ سبب ٿيو.بچاءُ جي ڪارروائي دوران فائر برگيڊ جون ڏاڪڻيون ٽٽڻ سان ٻه ماڻهو زخمي ٿيا.مارڪيٽ جي ذريعن موجب، شاپنگ پلازا ۾ دڪانن جو تعداد لڳ ڀڳ 1200 آهي.باهه جي ڪري، تبت چوڪ کان گارڊن چوڪ ايم اي جناح روڊ ۽ انڪل سريا چوڪ کان سينٽرل پلازا تائين آس پاس جا علائقا بند آهن.تبت چوڪ کان جوبلي ۽ انڪل سريا چوڪ کان ٽينڪر چورنگي ۽ گارڊن چوڪ تائين ٽرئفڪ کي موڙيو ويو آهي.







