ايراني ٻيڙو تباهه، جنگ کٽيون پيا، ايراني حڪومت ڪمزور آهي:پيٽ هيگسيٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي جنگ بابت وزير پيٽ هيگسيٿ چيو آهي ته ايران مان ميزائيل ۽ ڊرون فائر ٿيڻ جو تعداد گهٽجي ويو آهي، اسين جنگ کٽي رهيا آهيون. اهرو اظهار هن آمريڪا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڊين ڪين سان گڏ پينٽاگون ۾ گڏيل پريس بريفنگ دوران ڪيو. هڪ سوال تي هن چيو ته ايران ۾ گرلز اسڪول تي حملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايران تي وڌيڪ حملن جي لهر اچڻ واري آهي. هن چيو ته 4 ڏينهن جي جنگ ۾ ايران جي حڪومت تمام گهڻي ڪمزور ٿي وئي آهي، اها کين به خبر آهي. جلد اسرائيل سان گڏ شروع ڪيل جنگ جا مقصد پورا ٿيندا.
ايران جو جنگي ٻيڙو تباهه
پيٽ هيگسيٿ ٻڌايو ته آمريڪي آبدوز ايراني ٻيڙي تي تارپيڊو فائر ڪيو، جيڪو سريلنڪا لڳ هندي سمنڊ ۾ ٻڏي ويو آهي.
ڪولمبو جي ڊپٽي پرڏيهي وزير مقامي ٽي وي کي ٻڌايو ته جهاز ۾ سوار 80 ماڻهو مري ويا آهن. اڳ ۾ سريلنڪا جي نيوي چيو هو ته 32 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو ۽ هڪ انهن مان سخت زخمي هئڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.
ٽرمپ جي قاتل کي ماري ڇڏيو
پيٽ هيگسيٿ ٻڌايو ته صدر ٽرمپ کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيندڙ کي ماري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا پر بي بي سي موجب آمريڪا جي جسٽس ڊپارٽمينٽ اڳ م 51 سالن جي فرحاد شاڪري کي نامزد ڪيو هو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ