ايراني سپريم ليڊر زخمي آهي، جنگ ۾ ڪو به رحم نه ٿيندو، اڄ ايران تي سخت ترين حملا ڪيا ويندا: آمريڪي بچاءُ وارو وزير

واشنگٽن/تهران/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي، جڏهن ته تهران ۾ يومِ القدس جي ريلي ويجهو ڌماڪن ۽ مختلف ملڪن جي بيانن کانپوءِ علائقي ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. آمريڪي اختيارين ايران خلاف سخت حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ايران به آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت جواب ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ٻئي پاسي اسرائيل ايران تي سوين هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته خطي ۾ ميزائل، ڊرون حملن ۽ فوجي ڪارروائين سبب تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهيو آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ