تهران (ويب ڊيسڪ)اڄ آچر تي نائين ڏينهن به ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جا هڪٻئي تي حملا جاري آهن، ايران ۾ تيل جي ڊپو ۽ ريفائنريز تي اسرائيلي حملن بعد باهه جا وڏا شعلا نظر پيا اچن. ايران جي معذرت ۽ عرب ملڪن تي حملا نه ڪرڻ جي اعلان بعد بحرين ۾ ڊيسيلينيشن پلانٽ تي حملو ٿيو آهي، قطر، ڪويت ۽ يو اي اي ۾ به حملا رپورٽ ٿيا آهن. ايران ۾ نئين سپريم ليڊرجي چونڊ ٿي وئي آهي پر نالو اڃا سامهون ناهي آيو. الجزيره آيت الله محمد مهدي ميرباقري جي حوالي سان چيو آهي ته نئين ليڊر جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي. اسرائيل وري اعلان ڪيو آهي ته خامنئي جي جان نشين کي به مارينداسين. ياد رهي ته صدر ٽرمپ اڳ ۾ چيو هو ته نئون ايراني ليڊر اسانجي صلاح سان اچڻ گهرجي. هوڏانهن انقلابي گارڊز چيو آهي ته بحرين ۾ هڪ بحري بيس تي 21 آمريڪي مارجي ويا آهن. تهران ريفائنري تي حملي بعد تهران مٿان صبح کان دونهين جا ڪڪر ڇائنيل هئا، برسات پوڻ بعد ڪارو پاڻي ڪري رهيو هو. ان کان پوءِ ايران، حيفا ريفائنري ۽ پورٽ کي نشانو بڻايو ويو. هڪ آمريڪي آئل ٽينڪر کي به نشانو بڻايو ويو. اسرائيل 6 شهرين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن لبنان ۾ ٻن اسرائيل فوجين جي مارجڻ جي تصديق به ڪئي وئي آهي.







