انڊس لائرز فورم جا نوان عهديدار، جسيم ڀٽو صدر ٿي ويو

اسلام آباد(بيوور رپورٽ)وفاقي گادي واري شهر ۾ وڪالت ڪندڙ سنڌي وڪلين جي تنظيم، انڊس لائر فورم جي اليڪشن ٿي گذري، جنهن ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر جسيم احمد ڀٽو، نائب صدر عبدالحفيظ ڦلپوٽو، جنرل سيڪريٽري نيڪ محمد ڪلوڙ، ايديشنل سيڪريٽري سعديا سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري وقار ميمڻ، فنانس سيڪريٽري وحيد احمد ميمڻ ۽ انعام الله سولنگي انفارميشن سيڪريٽري طور ڪامياب ٿيا. جڏهن ته عبدالله سومرو، حزب الله ڪلوڙ ۽ الله ڏنو ميمڻ ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جا ميمبر چونڊيا ويا آهن.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ