امن جي بحالي بنا ترقي ءٍ خوشحالي نه ايندي، سهيل آفريدي

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو چوڻ آهي ته امن جي بحالي کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي ممڪن ناهي.مهمند جي بزرگن جي هڪ وفد سهيل آفريدي سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته اسان امن ۽ صوبائي حقن جي جدوجهد ۾ وڏي وزير سان گڏ بيٺا آهيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته امن هن وقت اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو ۽ پهرين ترجيح آهي. فاٽا جي انضمام وقت 10 سالن لاءِ هڪ هزار ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو پورو نه ٿي رهيو آهي.هن چيو ته صوبائي حڪومت جا اربين رپين جا بقايا اڃا تائين وفاق ڏانهن آهن، ۽ قبائلي ضلعن کي انهن جا حق ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.سهيل آفريدي چيو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ يونيورسٽين سان گڏ ميڊيڪل ۽ نرسنگ ڪاليج پڻ قائم ڪيا ويندا.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ