گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت کي تيل ۽ گيس فراهم ڪرڻ جو اعلان

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت کي تيل ۽ گيس فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وٽن گھڻي مقدار ۾ تيل ۽ گيس آهي جيڪو هو ڀارت ئي ڏئي سگھن ٿا.

واشنگٽن ۾ ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي ۽ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملاقات کانپوءِ نيوز ڪانفرنس ڪئي.

امريڪا ۽ ڀارت دهشتگردي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ جو عظم ظاهر ڪيو جڏهن ته صدر ٽرمپ ممبئي حملن ۾ مبينا ملوث پاڪستاني ڪنيڊيل تهور رانا کي امريڪا کان ڀارت جي حوالي ڪرڻ جي راضپو ڏيکاريو.

ان موقعي تي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايف 35 سميت ڪيترن ئي ارب ڊالر جو فوجي سامان ڀارت کي ڏيندا، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو ڀارت سان گڏجي مقابلو ڪيو ويندو.

ٽرمپ چيو ته بائيڊن دونر ۾ امريڪا ڀارت لاڳاپا بهتر  نه هئا، ڀارت سان اهو ئي ٽيرف هوندو جيڪو امريڪا تي لاڳو ٿئي ٿو.

هڪ سوال جي جواب ۾ ٽرمپ چيو ته يوڪرين کي نيٽو ۾ نه هجڻ گهرجي، جنگ سبب يوڪرين کي نيٽو ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.

امريڪي صدر اهو به چيو ته چين سان امريڪا جا تمام سٺا لاڳاپا هوندا، چين کين يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو، هو هڪٻئي خلاف هٿيارن بدران پنهنجي ترقي تي رقم خرچ ڪندا.

ان موقعي تي نريندر مودي پرچين تي لکين بيان ٽرمپ آڏو بار بار ڏسي پڙهندو رهيو.

نريندر مودي جو چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ امريڪا ڀارت لاڳاپن کي متحرڪ ڪيو، امريڪا پاڻ کي عظيم بڻائڻ چاهي ٿو ۽ هو به ڀارت کي عظيم بڻائڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته ٽرمپ ٻه طرفي واپار جو حجم ٻيڻو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، نيوڪليئر انرجي جي ميدان ۾ امريڪا سان سهڪار وڌائيندا.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ