افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمون پوري خطي لاءِ خطرو قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)يورپي جرنل يوريشيا ريويو افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن کي پاڪستان ۽ خطي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو آهي.يورپي جرنل يوريشيا ريويو جي هڪ رپورٽ موجب، روس کي افغانستان ۾ ويڙهاڪ گروپن کان به سنگين سيڪيورٽي خطرن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، انتها پسند گروپ افغانستان سان ملندڙ وچ ايشيائي ملڪن ۾ پنهنجون سرگرميون وڌائي رهيا آهن.جرنل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جون سرگرميون پاڪستان ۽ خطي لاءِ سنگين خطرو آهن. روس موجب، دهشتگرد گروپ ۽ داعش افغانستان ۾ مسلسل مضبوط ٿي رهيا آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن ۾ روسي سفير واسيلي نيبينزيا افغانستان ۾ داعش خراسان جي دهشتگرد سرگرمين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.روسي سفير واسيلي نيبينزيا جو چوڻ آهي ته افغان طالبان جا دهشتگردي جي خلاف اپاءَ ڪافي نه آهن، شدت پسند افغانستان ۾ تڪرار وڌائي رهيا آهن ۽ پاڻ کي هڪ متبادل قوت طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.ان حوالي سان روس جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار افغانستان سرگئي شوئيگو سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ چيو ته دهشتگرد عنصرن جي پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جو خطرو آهي، ۽ افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن کي ٻاهرين فنڊنگ ملي رهي آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ