اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اسلام آباد جي ترلائي علائقي ۾ خديجة الڪبريٰ جي امام بارگاهه ۽ مسجد ۾ خودڪش ڌماڪو ٿيو آهي.پوليس موجب، خودڪش ڌماڪو جمعي جي نماز دوران ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 31 بيگناهه نمازي شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.پوليس موجب، خودڪش بمبار جو تعلق فتنه الخارجي سان هو، جنهن گيٽ تي روڪيو ويو ته پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.اسلام آباد جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. اختيارين موجب، پمز اسپتال ۾ هاڻي تائين 60 زخمين کي آندو ويو آهي ۽ پمز اسپتال ۾ زخمين کي رکڻ جي گنجائش ختم ٿي چڪي آهي.زخمين کي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.ڌماڪي کان پوءِ پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڌماڪي واري هنڌ پهچي ويا.ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جي بيان موجب ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ وڌي ويو آهي، جنهن ۾ ڪل 31 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ ڌماڪي کان پوءِ اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ زخمين جو انگ 169 تائين پهچي ويو آهي.اکين ڏٺن شاهدن موجب، خودڪش بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائڻ کان اڳ فائرنگ به ڪئي.اسلام آباد جي پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ رت جي عطيا جي اپيل ڪئي وئي آهي، جتي طبي عملي جو چوڻ آهي ته زخمين جي جان بچائڻ لاءِ رت جي ضرورت آهي.اسپتال جي عملدارن موجب، اسپتال ۾ هاڻي تائين ڪُل 106 زخمي آندا ويا آهن، پمز اسپتال ۾ هاڻي تائين 60 زخمي آندا ويا آهن، 13 زخمين کي پولي ڪلينڪ اسپتال آندو ويو آهي، جن مان 2 فوت ٿي ويا آهن.اسپتال جي عملدارن موجب، 27 زخمين کي فيڊرل جنرل اسپتال، 2 زخمين کي بينظير اسپتال، جڏهن ته هڪ زخمي کي سي ڊي اي اسپتال آندو ويو آهي.







