گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

اسرائيل جو ”فلوٽيلا” تي آپريشن، 42 ٻيڙيون ۽ 450 رضاڪار گرفتار

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي بحري فوج غزه لاءِ امداد کڻي ويندڙ “گلوبل صمود فلوٽيلا” تي وڏو فوجي آپريشن ڪندي 42 ٻيڙيون پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون ۽ انهن ۾ سوار 450 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. فلوٽيلا جي منتظمين موجب گرفتار ٿيلن ۾ اڳوڻو پاڪستاني سينيٽر مشتاق احمد، سوئيڊن جي ماحولياتي ڪارڪن گريتا ٿنبرگ ۽ نيلسن منڊيلا جو پوٽو نڪوسي زويليوليلي به شامل آهن.رپورٽن موجب اسرائيلي بحري فوج ٻيڙين جو رابطي وارو نظام ۽ لائيو نشريات معطل ڪري قافلي کي روڪي ڇڏيو. قبضي ۾ ورتل ٻيڙين کي اشدود بندرگاهه منتقل ڪيو ويو آهي، جتان سماجي ڪارڪنن کي يورپ ڏانهن ڊي پورٽ ڪيو ويندو.فلوٽيلا جي منتظمين جو چوڻ آهي ته هڪ ٻيڙي “ميرينيٽ” اڃا به پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهي آهي، جڏهن ته عرب صحافي حسن مسعود سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي آهي ته ٻيڙي “مڪينو” غزه جي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿي وئي آهي.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو هن ڪارروائي کي درست قرار ڏيندي پنهنجي بحري فوج کي شاباس ڏني. ٻئي پاسي يورپ، ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ اوڀر سميت سڄي دنيا ۾ هن واقعي خلاف سخت احتجاجي مظاهرا جاري آهن.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ