واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته پهرين نومبر 2025 کان چين تي 100 سيڪڙو اضافي ٽيرف ۽ هر قسم جي اهم سافٽ ويئر تي درآمدي پابنديون لاڳو ڪيون وينديون. صدر ٽرمپ پنهنجي سماجي پليٽفارم “ٽرٿ سوشل” تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته: “چين واپار بابت انتهائي جارحاڻو رويو اختيار ڪيو آهي، هن دنيا کي ڏاڍو سخت ۽ ڌمڪين ڀريو خط موڪليو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هو پهرين نومبر 2025 کان لڳ ڀڳ سڀني شين تي برآمدي پابنديون لاڳو ڪندو، جيٽوڻيڪ اهڙين شين تي به جيڪي چين ۾ ٺهن ئي نٿيون.” صدر ٽرمپ موجب، چين جو اهو فيصلو سڀني ملڪن تي لاڳو ٿيندو، ڪنهن کي به ڇوٽ حاصل نه هوندي، ۽ اهو واضح آهي ته هي منصوبو سالن کان تيار ڪيل حڪمت عملي جو حصو آهي. هن چيو ته عالمي واپار ۾ اهڙو قدم ناقابلِ يقين ۽ اخلاقي طور تي شرمناڪ آهي. هن چيو ته: “يقين ڪرڻ مشڪل آهي ته چين اهڙو قدم کنيو آهي، پر انهن واقعي ڪري ڏيکاريو آهي۽ باقي تاريخ آهي.” صدر ٽرمپ چيو ته اهڙو واقعو اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو، جنهن سبب عالمي مارڪيٽن ۾ شديد خلل پيدا ٿيندو ۽ تقريباً هر ملڪ، خاص طور تي خود چين لاءِ به مشڪلاتون پيدا ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا کي ٻين ملڪن کان پيغام مليا آهن، جيڪي هن غير متوقع تجارتي جارحيت تي سخت ناراض آهن. ٽرمپ چيو: “گذريل ڇهن مهينن دوران چين سان اسان جا لاڳاپا تمام سٺا رهيا، تنهن ڪري هي واپاري قدم وڌيڪ حيران ڪندڙ آهي. مون کي هميشه لڳو ته هو ڪنهن مناسب وقت جو انتظار ڪري رهيا آهن، ۽ هاڻي، هميشه وانگر، منهنجو اندازو صحيح ثابت ٿيو آهي.” هن چيو: “دنيا کي چين جي هٿن ۾ يرغمال نه ٿيڻ گهرجي، پر لڳي ٿو ته اهو انهن جو پراڻو منصوبو هو، جنهن جي شروعات انهن مقناطيسي عنصرن ۽ ٻين ذريعن جا ذخيرا گڏ ڪري اجاره داري قائم ڪرڻ سان ڪيو. اهو بدنيتي تي ٻڌل ۽ انتهائي جارحاڻو قدم آهي.” ٽرمپ وڌيڪ چيو ته: “آمريڪا وٽ به ڪيترن شعبن ۾ مضبوط اجاره دارين جو نيٽ ورڪ موجود آهي، جيڪو چين کان گهڻو وسيع ۽ طاقتور آهي، پر مون ڪڏهن ان جو استعمال نه ڪيو، ڇوته ان جي ضرورت ئي نه پئي.” هن ٻڌايو ته چين جو موڪليل خط ڪيترن ئي صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ تفصيل سان هر اهو عنصر درج آهي جنهن جي برآمد روڪڻ جو سندن ارادو آهي. ٽرمپ واضح ڪيو ته: “منهنجي شي جن پنگ سان ملاقات ٻه هفتا پوءِ ايپيڪ اجلاس ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ طئي ٿيل هئي، پر هاڻي ان جي ڪا ضرورت نه رهي.” هن چيو: “عجيب ڳالهه اها آهي ته چين جو هي خط ان ڏينهن مليو، جڏهن مشرقِ وسطىٰ ۾ ٽن هزار سالن جي افراتفري ۽ جنگين کان پوءِ امن قائم ٿيو، ڇا اهو به اتفاق هو؟” ٽرمپ چيو ته: “چين جي هن جارحاڻِي حڪم نامي جي ردعمل ۾، مون کي بطور آمريڪي صدر مالي طور تي جوابي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو: “شايد هي قدم عارضي طور تي تڪليف ڏيندڙ هجي، پر آخرڪار اهو آمريڪا لاءِ انتهائي فائدي وارو ثابت ٿيندو.” ٽرمپ وڌيڪ چيو ته: “في الحال اسان جيڪي پاليسيون غور هيٺ رکيون آهن، انهن ۾ چين جي شين تي ٽيرف ۾ وڏو واڌارو شامل آهي، ۽ ٻين ڪيترن جوابي قدمن تي به سنجيدگي سان غور ٿي رهيو آهي.”