اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تجويز ڪيل 27 هين آئيني ترميم ۾ آئيني عدالت جي ممڪن تشڪيل ۽ جڳهه ۾ اهم پيش رفت ٿي آهي. ذريعن موجب، ممڪن 27 هين آئيني ترميم کان پوءِ، آئيني عدالت کي شريعت ڪورٽ جي عمارت ۾ منتقل ڪرڻ جي تجويز آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شريعت ڪورٽ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽئين منزل کي خالي ڪرڻ جو عمل جاري آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي شريعت ڪورٽ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي عمارت جي ٽئين منزل تي منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽئين منزل کان سامان کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي.ٻئي طرف، ذريعن جو چوڻ آهي ته 27 هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ اڄ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جو اجلاس به ملتوي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڄ ٿيندڙ سينيٽ جو اجلاس هاڻي ڇنڇر تي ٿيندو.







