گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 19 فيبروري کان شروع ٿيندو، 8 ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جو نائون ايڊيشن اربع 19 فيبروري کان پاڪستان ۾ شروع ٿيندو جنهن ۾ 8 ٽيمون ايڪشن ۾ هونديون. پهرين ميچ پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي نائين ايڊيشن جي ميزباني پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ڪندا. آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ شامل 8 ٽيمن ۾ ميزبان دفاعي چيمپئن پاڪستان، بنگلاديش، افغانستان، ڀارت، نيوزي لينڊ، انگلينڊ، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا شامل آهن. پاڪستان آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جو دفاعي چيمپئن آهي. سمورين 8 ٽيمن کي 2 گروپس ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ دفاعي چيمپئن پاڪستان، بنگلاديش، ڀارت ۽ نيوزي لينڊ جون ٽيمون شامل آهن جڏهن ته گروپ بي ۾ افغانستان، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون شامل آهن. آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي پهرين ميچ گروپ اي جي ٽيمن پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ ڊي اينڊ نائٽ هوندي ۽ ٻنپهرن 2 وڳي شروع ٿيندي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ