بدين | رپورٽ روشن الدين ڪوريجو 2-5-2023 بدين شهر ۾ ڪجهه ڏينهن پهرين مبينا قتل ٿيل نوجوان شادي شده عورت شمع خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف خاصخيلي اتحاد بدين، وارثن ۽ ڌرتي ڌڻي تحريڪ پاران سردار راجا بابا، لعل بخش خاصخيلي، جاويد خاصخيلي، محمد عثمان خاصخيلي، شاهنواز چانڊيو، ايس ٽي پي لاڙ ڊويزن جي صدر شاهنواز سيال، سٽي جنرل سيڪريٽري ياسر سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ بدين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي ۽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. انهي موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ نوجوان عورتن جي مبينا قتل کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار بااثر هئڻ ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ کڙو ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري متاثر ڌر ۾ بيچيني پکڙيل آهي. اڳواڻن چيو تہ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود متاثر عورت جا معصوم ٻچا پنهنجي امڙ جي جدائي کان پوءِ دربدر آهن اڳواڻن چيو تہ جيڪڏهن جوابدارن کي جلد گرفتار نٿو ڪيو وڃي تہ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
