اسلام آباد: (سومر: 01 مئي 2023ع) ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته پرويز الاهي جي معاملي ۾ اختيار ڪيل طريقي ڪار قبول ناهي، ڪجهه ماڻهو ايشوز کي غلط رنگ ڏئي عجيب ڪيفيت پيدا ڪرڻ چاهين ٿا.
پنهنجي بيان ۾ چوڌري شجاعت چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس رات جو پرويز الاهي جي گهر وئي، پوليس کي ٻڌايو ويو ته پرويز الاهي منهنجي گهر آهي، جنهن تي پوليس منهنجي گهر هلي آئي.
سندس موجب پوليس وارا اڳتي وڌي رهيا هئا ته منهنجي پٽن کين روڪيو، منهنجا ٻئي پٽ ان صورتحال ۾ زخمي ٿي پيا، ان سڄي معاملي ۾ جيڪو طريقي ڪار اختيار ڪيو ويو، اهو قبول ناهي.
هن چيو ته ملڪ اڳ ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، ڪجهه ماڻهو ايشوز کي غلط رنگ ڏئي عجيب ڪيفيت پيدا ڪرڻ چاهين ٿا.
