لاهور: (سومر: 01 مئي 2023ع) فيصل آباد ۾ معصوم گهريلو ملازم ٻن ڀينرن تي ماني چورائڻ جي الزام هيٺ مبينه طور تي غير انساني تشدد جو انڪشاف ٿيو آهي.
مدينه ٽائون جي علائقي ۾ گهريلو ملازم 2 ڀينرن 12 ورهين جي ايمان فاطمه ۽ 8 ورهين جي زهره اويس کي وحشياڻو تشدد جو نشناو بڻايو ويو. ٻنهي ڀينرن تي ماني چوري ڪرڻ جو الزام لڳائي گهر مالڪن چمٽن ۽ پائپ سان تشدد جو نشانو بڻايو.
چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي چيئرپرسن ساره احمد مبينه تشدد جي واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. ان حوالي سان جاري ڪيل بيان موجب چائلڊ پروٽيڪشن بيورو فيصل آباد گهريلو تشدد جي شڪار ملازم ڀينرن ايمان فاطمه ۽ زهره اويس کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. تشدد جو شڪار گهريلو ملازم ڀينرن کي مالڪن ٿڦڙن، مڪن، ڇري، پائپن ۽ ڏنڊن سان تشدد جو نشانو بنايو. ٻارڙين جي جسم کي گرم ڇرين سان ڏنڀ پڻ ڏنا ويا.
ٻنهي گهريلو ملازم ڀينرن کي گهر مالڪ ننڍين ننڍين ڳالهين تي بنا ڪنهن سبب جي اڪثر تشدد جو نشانو بنائيندا هئا، ٻنهي ملازم ڀينرن جا چهرا، ٻانهون، چيلهه ۽ جسم جي ٻين حصن تي تشدد جا نشان موجود آهن. چيئرپرسن ساره احمد موجب 3 عورتن سميت 6 جوابدارن خلاف چائلڊ پروٽيڪشن بيورو فيصل آباد طرفان آفيسر روبينه اقبال جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي جنهن کان پوءِ عورتن سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.