39

عمران خان جي حڪومت ۾ پورهيتن، هارين ۽ پگهاردار طبقي تي تاريخي ظلم ٿيو: بلاول ڀٽو

ڪراچي: (سومر: 01 مئي 2023ع) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي دور ۾ جيترو ظلم پورهيتن، هارين ۽ پگهاردار طبقي تي ٿيو ملڪي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو. عمران خان پاڪستان ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا. پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان پنهنجا اي ٽي ايمز ۽ امير طبقن کي نوازڻ واري پاليسين جو هرجاڻو هاڻ ملڪ ڀوڳي رهيو آهي.

مزدورن جي عالمي ڏينهن تي پيغام ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پيپلز پارٽي پورهيتن جي حقن تي ڪنهن به مصلحت جو شڪار نه ٿيندي. مزدور خوشحال هوندو ته پاڪستان خوشحال هوندو. مزدورن ۽ هارين کي اسيمبلين ۾ نمائندگي ڏيارينداسين. ايندڙ چونڊن ۾ جيڪڏهن عوام مينڊيٽ ڏنو ته پورهيتن جي لاءِ بينظير مزدور ڪارڊ جهڙيون اسڪيمون شروع ڪنداسين. هن چيو ته معاشري جي ڪرنگهي جي هڏي مزدور آهن. اڄوڪي ڏينهن شڪاگو جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ پاڪستان جي پورهيتن کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته اها به تاريخ رهي آهي ته هن ملڪ ۾ پورهيت طبقي جي حقن جي ڳالهه ۽ ان تي عمل جي شروعات پيپلز پارٽي کان پوءِ شروع ٿيو. ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مزدور پاليسي شهيد ڀٽو متعارف ڪرائي. شهيد بينظير ڀو مختصر حڪومت دوران مزدورن جي حقن ۽ تحفظ جي لاءِ انقلابي قدم کنيا. آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ عوامي حڪومت بينظير ايمپلائيز اسٽڪ آپشن اسڪيم جي شروعات ڪئي.

اڳوڻي صدر جي حڪومت دوران پگهارن ۽ پينشن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. غربت جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل پروگرامن ذريعي لکين خاندانن کي غربت جي دلدل مان ٻاهر ڪڍڻ به عوامي حڪومت جو حصو آهي. ملڪ جو مزدور ۽ پورهيت طبقو وڌ کان وڌ پ پ ۾ شامل ٿي ان کي وڌيڪ طاقتور بنائي ته جيئن پيپلز پارٽي کين حق ڏياري ۽ تحفظ فراهم ڪري سگهي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں