لاهور: (سومر: 01 مئي 2023ع) مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ واري سازش ناڪام ٿي وئي جنهن نوازشريف کي چور چيو ان جو پنهنجو پٽ به چور نڪتو.
يوم مزدور جي موقعي تي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته وزيراعظم ڏکين حالتن جي باوجود گهٽ ۾ گهٽ پگهار 35 هزار مقرر ڪئي، مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 40 هزار روپيه هجڻ گهرجي.
خطاب دوران پي ٽي آءِ چيئرمين تي تنقيد ڪندي مريم نواز چيو ته 2017 تائين پاڪستان ڪامياب ترين معيشتن ۾ شامل هو، فتنو اڄ مزدورن جي نالي تي ريليون ڪڍي رهيو آهي. جيڪڏهن هو سازشن ذريعي اقتدار جا رستا ٺاهڻ بند ڪري ڇڏي ته مزدورن جون حالتون بهتر ٿي وينديون. اڄ 2 روپين جي ماني 25 روپين جي آهي ته ان جو الزام ڪنهن کي ڏيڻ گهرجي؟ صرف خان ذميوار نه آهي سمورو گينگ ذميوار آهي.
(ن) ليگ جي چيف آرگنائيزر خطاب دوران مخالفن کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته چاهي اهو ثاقب نثار هجي يا فيض حميد سڀ ان گينگ جو حصو هئا، جسٽس کوسه چيو مون وٽ اچو مان نوازشريف کي رستي تان هٽايان ٿو. هي چاهين ٿا چونڊون جلد ٿي وڃن ٻئي صورت ۾ چونڊون کٽرائڻ وارو ڪوبه نه هوندو.
هن چيو ته عمران خان پاڻ چيو ته جنرل باجوه جي چوڻ تي اسيمبليون ٽوڙيون، ثاقب نثار اڄ به عمران خان کي آڻڻ جي لاءِ گهڻو زور لڳائي رهيو آهي. ثاقب نثار جو پٽ 1 ڪروڙ 20 لک روپيه رشوت وٺندي پڪڙيو ويو آهي. ثاقب نثار ٻڌائي هڪ ٽڪيٽ جا هڪ ڪروڙ 20 لک ورتا آهن، پاناما جا ڪيترا ورتا هئا؟
مريم نواز چيو ته عمران خان روز ڪاري بالٽي پائي نڪرندو آهي. هڪ سياسي ڪارڪن جي طور تي شرم اچي رهي آهي، اڳواڻ هميشه سينو تاڻي پيش ٿيندا آهن. ڪارو ڊٻو پائي پيش ناهن ٿيندا. هي چون ٿا اسيمبليون بحال ڪيون وڃن، ڇا تنهنجي پيءُ جو ملڪ آهي؟ عمران خان واچون وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو ته سندس گهر واري پنڪي(پيرني) ڌار دوڪان کولي ورتي.
هن وڌيڪ چيو ته جنهن نوازشريف کي چور چيو ان جو پنهنجو پٽ به چور نڪتو. سپريم ڪورٽ جي جج جا پنهنجا لفظ آهن ته هتي قبائن وارا سياستدان آهن، پارليامينٽ پنهنجو فيصلو مڃرائي رهندي. فيصلو مڃڻو پوندو. ملڪ جو آئين سپريم آهي ته پارليامينٽ به سپريم آهي