خيرپور | رپورٽ فهيم زيدي 1-5-2023 انجمن اتحاد عباسیہ ضلع خیرپور ۽ تعلقي خيرپور جو اجلاس حاجي نجيب الله عباسي جي ٺيڙهي شهر واري رهائشگاه ٿي گذري جنهن جي صدارت انجمن اتحاد عباسیہ ضلع خيرپور جي صدر عارف جان عباسي ڪئي گڏجاڻي ۾ ضلع خيرپور ۽ تعلقي خيرپور جي اڳواڻن سميت برادري جي معزز شخصيت پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ انجمن اتحاد عباسیہ جي پليٽ فارم تان پوري پاڪستان ۾ رهندڙ عباسي ڪلهوڙا برادري کي مضبوط ۽ منظم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۽ پنهنجي برادري جي پوئتي پيل ماڻهن کي پنهنجا حق ڏيارايا ويندا تمام جلد ضلع خيرپور جي اٺني تعلقن ۾ رهندڙ عباسي ڪلهوڙا برادري کي گڏ ڪري خيرپور سٽي اندر هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ برادري جي مرڪزي اڳواڻن سميت پوري سنڌ جا عهديدار، ڪارڪن ۽ برادري جون معزز شخصيون شرڪت ڪنديون تقريب ۾ فياض عباسي، ارباب ڪلهوڙو، علي انجم عباسي، عبدالحفيظ عباسي، نعيم الله عباسي، سليم الله عباسي، فقير ڦليو، عامر حسين عباسي، مجيب الرحمان عباسي، سراج احمد عباسي سميت ضلع ۽ تعلقي خيرپور جي عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي
