19

ھالا چودڳي اسٽاف کان لنڪ روڊ ڪرم خان نظاماڻي ڌانھن روڊ حادثو ٻہ نينگريون فوت ٿي ويون ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ھڪ زوردار ٽڪر

ھالا | رپورٽ | اعجاز ٻگھيو 27-4-2023 ھالا چودڳي اسٽاف کان لنڪ روڊ ڪرم خان نظاماڻي ڌانھن ھڪ روڊ حادثو ٻہ نينگريون فوت ٿي ويون ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ھڪ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ سسئي ڌيء ڪامريڊ نور محمد خاصخيلي ٿڏي تي فوت ٿي وئي جنھن جي عمر 25 سال ۽ ڪومل ڌيء علي بخش ڀٽي جنھن جي عمر 16 سال ٻڌائي پئي وڃي ٽريڪٽر ڊرائيور واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ھالا پوليس ٽريڪٽر پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي ٻنھي نينگرين جو تعلق ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي سان آھي جن جا لاش سول اسپتال تعلقا ھالا آندا ويا ضروري ڪارواين بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا سندن مڙھ گھر پھچڻ تي گھرن ۾ ڪھڙام مچي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں