17

پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۾ واحد ايجنڊا هڪ ئي ڏينهن عام چونڊن جي هوندي: وزيراعظم

اسلام آباد: (خميس: 27 اپريل 2023ع) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿينديون، جنهن ۾ رڳو ون پوائنٽ ايجنڊا هوندي.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد ڪرڻ تي سڄي ايوان جا ٿورا مڃان ٿو.
هن چيو ته پارليامينٽ جي آئيني حيثيت کي چئلينج ڪيو پيو وڃي، پارليامينٽ جو اختيار دنيا جي ڪا طاقت نٿي کسي سگهي، پارليامينٽ جي ٺهراءَ سان بيٺا آهيون، مان هن پارليامينٽ جو حصو آهيان ۽ توهان سان گڏ بيٺو آهيان، جيڪڏهن مون کي گهر موڪليو ٿا ته وڃڻ لاءِ تيار آهيان.
سندس موجب اسان کي ڳالهين لاءِ چيو ويو، اسان وٽ ته سوٽو به ناهي، اسان ته ڳالهيون ڪندا آهيون، تحريڪ انصاف کي صلاح مشوري کانپوءِ ڳالهين جي دعوت ڏني، اسان جي اتحاد ۾ اهڙيون جماعتون آهن، جيڪي جائز ۽ سخت موقف رکن ٿيون، انهن کي راضي ڪيوسين.
شهباز شريف چيو اميد ته اڄ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿينديون، ڳالهين ۾ واحد ايجنڊا هڪ ئي ڏينهن عام چونڊن جي هوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں