اسلام آباد: (خميس: 27 اپريل 2023ع) ملڪ ۾ پهرين مئي کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
آئل ڪمپنيز ذريعن موجب پهرين مئي کان پيٽرول جي قيمت ۾ ساڍا 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.
آئل ڪمپنيز ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا في ليٽر تائين گهٽتائي جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي
