16

ٻگھيا محلا ڀٽ شاھ ۾ گئس جي مسلسل ھٿرادو بندش خلاف محلي واسين پاران تنبوره چوڪ تي سخت نعريبازي ۽ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

ھالا | رپورٽ | اعجاز ٻگھيو 27-4-2024 ٻگھيا محلا ڀٽ شاھ ۾ گئس جي مسلسل ھٿرادو بندش خلاف محلي واسين پاران تنبوره چوڪ تي سخت نعريبازي ۽ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو نااھل گئس آفيسر کي ھٽائي ٻگھيا محلا ۾ گئس جي فراھمي بحال ڪئي وڃي زوار منظور ملاح اعجاز ابڙو محسن انصاري حبدار ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاھ جي مک چورائي تنبوره چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ٻگھيا محلا ڀٽ شاھ ۾ مسلسل ھڪ سال کان سئي گئس جي ھٿرادو بندش ڪري رھواسين کي پريشان ڪيو پيو وڃي گيس آفيس ڏانھن شڪايت لاء وڃون ٿا تہ آفيس مان ڌڪا ڏيئي ٻاھر ڪڍيو ٿا ڇڏين جيڪو سراسري غلط ۽ ظلم آھي سئي گيس جا بل به اسان باقاعدي سان ادا ڪري رھيا آھيون ھنن چيو تہ گذريل رمضان شريف ۾ سئي گيس نہ ھجڻ ڪري اسان محلي واسين روزا بہ نہ رکي سگھيا آھيون گيس آفيسر بااثر ھجڻ ڪري ڌمڪيون پڻ ڏئي رھيو آھي ھنن اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي تہ جلد کان جلد ٻگھيا محلا ۾ گئس جي فراھمي بحال ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ نيشنل ھائي وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو:

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں