19

ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا ڊسمبر 2022 کانپوءِ ٻيهر ڏهه ارب ڊالر ٿي ويا

ڪراچي: (خميس: 27 اپريل 2023ع) ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 2022 کانپوءِ ٻيهر 10 ارب ڊالر ٿي ويا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 20 اپريل تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي ۾ ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا مجموعي ذخيرا 5 ڪروڙ 94 لک ڊالر واڌ سان 10 ارب ٻه ڪروڙ 43 لک ڊالر رهيا.
اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 20 اپريل تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ 3 ڪروڙ 3 لک ڊالر وڌي 4 ارب 46 لک ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا ٻه ڪروڙ 91 لک ڊالر وڌي 5 ارب 56 ڪروڙ ڊالر رهيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں