اسلام آباد: (خميس: 27 اپريل 2023ع) قومي اسيمبلي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي لاءِ فنڊز ڏيڻ جي تحريڪ ٻيهر رد ڪري ڇڏي.
اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ هڪ دفعو ٻيهر چونڊن جي لاءِ 21 ارب روپيه جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڇا هي ايوان وفاقي حڪومت کي پنجاب ۽ ڪي پي چونڊن جي لاءِ 21 ارب روپين جا فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. جنهن تي پارليامينٽ اڪثريت راءِ سان اها تحريڪ رد ڪري ڇڏي.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه آصف چيو ته 3 جج پي ٽي آءِ جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن. اسان کي انهن جو ڪوبه فيصلو منظور نه آهي. ڳالهيون سپريم ڪورٽ جو ڪم نه آهي، ڪنهن جي تحفظ ۽ ان جي مقصد جي لاءِ ڪيل فيصلا قبول نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن3-2 جي فيصلي تي وزيراعظم پنهنجي ڪرسي نه ڇڏيندو. اسان کي هنن جا فيصلا قبول نه آهن. 3-2 کان سواءِ باقي ٻيا سپريم ڪورٽ جا فيصلا اسان کي قبول آهن.