19

سافڪو طرفان عيد ملن پارٽي ۽ سليمان جي ابڙو جي سالگرهه تقريب منعقد

حيدرآباد: (خميس: 27 اپريل 2023ع) سافڪو گروپ پاران عيد ملن پارٽي منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي اداري جي باني ۽ سربراهه سليمان جي ابڙو جي سالگرهه به ملهائي وئي. ايڇ آءِ ڊي هال قاسم آباد ۾ منعقد ڪيل تقريب عيد ۽ رمضان المبارڪ جي تجربن بابت ڳالهائيندي سليمان جي ابڙو چيو ته ذاتي رنجشن ۽ مفاد پرستن سان سماجي قدرن ۽ اجتماعي سوچ کي نقصان رسيو آهي، جنهن ڪري معاشرو ڏينهون ڏينهن انتشار ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن چيو ته اسان دين ۽ دنيا ۾ هم آهنگيءَ جي لحاظ سان زندگي نه گذارينداسين ته پوئتي رهجي وينداسين. هن چيو ته اسان جيڪو ٻڌو ۽ سمجھيو آهي، ان مطابق عمل ڪندي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان سمجھون ٿا ته خدا وٽ خلق جي خدمت جي وڏي اهميت آهي.

هن سماجي صورتحال بابت ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته گذريل ٻوڏ ۾ پاڪستان جو 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، پر دنيا رڳو 10 ارب ڊالر قرض جي صورت ۾ ڏنا ۽ چيو ته توهان هر سال ماڻهن کي ساڍا 17 ارب سبسڊي ڏيو ٿا، ان ڪري اوهان امداد جا حقدار نه آهيو. سليمان جي ابڙو چيو ته اها سبسڊي غريبن بدران اميرن ۽ ڪامورن کي ملي ٿي، جڏهن ته آفتن جو سمورو نقصان غريبن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. هن چيو ته اسان مذهب جي جوهر کي سمجھون ۽ ان تي عمل ڪريون ته سمورا مسئلا حل ٿي وڃي. ان کان اڳ سافڪو ملازمن رمضان المبارڪ ۽ عيد جي حوالي سان پنهنجا تجربا بيان ڪيا ۽ سليمان جي ابڙو جي شخصيت جي مختلف پاسن تي روشني وڌي.

آخر ۾ سليمان جي ابڙو کي گلدستا، لونگيون ۽ ٻيا تحفا ڏنا ويا. تقريب کي سيد سجاد علي شاهه، بشير احمد ابڙو، ذوالفقار علي متقي، رميز ميمڻ، مير اسد، حبيب الله خلجي، سترام سوٽهڙ، مصطفيٰ راڄپر، حميد ملاح، فلڪ علي، اقرا شعيب ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں