بدين | رپورٽ | روشن دين ڪوريجو 27-4-2023 بدين جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاء بدين پريس ڪلب پهچي ويو تعلقي ننگر پاڪر جي ڳوٺ ڪونڍي جو رهواسي گهوٽ غلام رسول ولد سوايو خاصخيلي ۽ ڪنوار مسمات مونت بنت ڦل خاصخيلي رهندڙ ڳوٺ ڦولاڊي، تعلقو سنڌڙي ضلعو ميرپورخاص هال رهندڙ مورجهر بدين جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ کان کان پوء بدين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪنوار جي مامن مان اسان کي جان جو خطرو آهي انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
