24

ڪير به بندوق جي زور تي ڳالهيون نٿو ڪرائي سگهي، ون يونٽ لاڳو ڪرڻ لاءِ سازش پئي ٿئي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: (خميس: 20 اپريل 2023ع) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪير به بندوق جي زور تي ڳالهيون نٿو ڪرائي سگهي، ڊائيلاگ سياسي جماعتن جو ڪم آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ صوبي ۾ چونڊون اڳ ۾ ٿي وڃن ته اثر باقي ٽن صوبن تي پوندو، ون يونٽ پاليسي لاڳو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، مسئلن جو حل نه نڪتو ته وفاق ۽ جمهوريت کي خطرو آهي.
هن چيو اسان جو موقف آهي ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، 90 ڏينهن جي آڙ ۾ چونڊون ڪرائڻ سازش آهي، اسان ڪالهه به ون يونٽ خلاف هئاسين ۽ اڄ به آهيون، ون يونٽ لاڳو ڪرڻ لاءِ بيڪ ڊور سازش ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ملڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو ته معاشي استحڪام ٿيندو، عام ماڻهو کي عدالتي بئنچ يا سياسي جماعتن جي بيانن ۾ دلچسپي ناهي، اهي تڪليف ۾ آهن، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عام ماڻهو کي مسئلن مان ڪڍون.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سپريم ڪورٽ جو عوام سامهون ٽرائل هلي رهيو آهي، عدالت ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو افسوسناڪ آهي، اسان جي تاريخ ۾ عدليا ۾ ايتري ورهاست نه ٿي، اميد ته چيف جسٽس پنهنجي راءِ ۾ اتحاد قائم ڪري عهدو ڇڏي ڏيندو.
پ پ چيئرمين چيو ته سپريم ڪورٽ هڪ قانوني فورم آهي، پارليامينٽ سياسي فورم آهي، چاهيون ٿا ته هر اداري جي عزت ڪئي وڃي، پارليامينٽ جي عزت تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں