حيدرآباد: (اربع: 19 اپريل 2023ع) پ ٽ الف پاران ميرپور خاص ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر ڪامل موريو تي حملي ڪري کيس زخمي ڪرڻ خلاف آل سنڌ ٽيزري يونين جي سڏ تي حيدرآباد ڊسٽرڪٽ اڪائوئنٽنٽ آفيس جي ملازمن پاران سيد امام بخش شاهه جي اڳواڻي ۾ آفيس جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ڇتي نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻن مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ميرپور خاص ڊسٽرڪٽ اڪائونٽنٽ آفيس ۾ داخل ٿي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽنٽ آفيسر ڪامل موريو تي ٿيل بيرحماڻو تشدد ناقابل برداشت آھي. ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ اڪائونٽ آفيس جي ملازمن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻي صورت سموري سنڌ جا ملازم ڪم ڇڏ ھڙتال شروع ڪندا.
