ڪراچي: (اربع: 19 اپريل 2023ع) قومي احتساب بيورو سنڌ هاءِ ڪورٽ کان سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ خلاف آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. نيب ۽ آءِ جي جيل قاضي نذير جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.
نيب طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته جوابدار بااثر آهي، ريفرنس جي گواهن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. جوابدار آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي.
نيب موجب آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف داخل ريفرنس ۾ رقم 500 ملين کان وڌيڪ جي آهي. آغا سراج دراني گهر ڀاتين، ملازمن ۽ فرنٽ مينز ذريعي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا.
ٻڌڻي دوران آغا سراج دراني جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته سراج دراني هڪ سال کان جيل ۾ آهي سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي. عدالت چيو ته سراج دراني ڪڏهن کان جيل ۾ آهي ان جا تفصيل پيش ڪيا وڃن.
سينٽرل جيل ڪراچي سراج دراني بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي. عدالت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي 4 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ جي گهرو وزارت سراج دراني جي گهر کي سب جيل قرار ڏئي رکيو آهي