ميرپورخاص: (اربع: 19 اپريل 2023ع) ميرپورخاص جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پاران ھڪ سال پھرين ڊينگاڻ ٿاڻي جي حد جھلوري واري علائقي ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿي ويل الھورايو مھر جي ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي پنج جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ۽ سندس ئي مخالف ڌر کي جھيڙي جي ڪيس ۾ 07 جوابدارن کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 10-10سال قيد جي سزا ۽ ڏنڊ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
سال 2021 ۾ جھلوري واري علائقي ۾ مھر برادري جي ٻن ڌرين۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو هو جنھن جي نتيجي۾ ھڪ ڄڻو الھورايو مھر قتل ٿي ويو ھو جنھن جو ڪيس مقتول جي پٽ امير محمد مھر پاران 05 ڄڻن حاجي فتح محمد مھر، منظور مھر، غلام رسول مھر، جمال الدين مھر ۽ علي محمد مھر مٿان داخل ڪيو ويو جنھن ڪيس ۾ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ماڊل ٽرائل ڪورٽ پاران ڄاڻايل 05 جوابدارن کي عمر قيد ۽ في جوابدار تي 08-08 لک روپيه ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو ويو جڏهن ته ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 04 سال وڌيڪ قيد جي سزا ڪاٽيندا.
جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ فريادي ڌر جي مخالف ڌر پاران فريادي اقبال مھر جي فرياد تي 07 ڄڻن حاجي قلندر بخش مھر،سعيد الله مھر، ممتاز علي مھر، نور محمد مھر، محمد اسماعيل مھر ۽ فتح محمد مھر مٿان جھيڙي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو جنھن ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت پاران ڄاڻايل 07 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ۽ في جوابدار تي 4-4 لک روپيه ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 02 سال قيد جي سزا ڪاٽيندا.
جڏهن ته ڄاڻايل ڪيسن ۾ نامزد 12 جوابدار ضمانت تي آزاد ھئا عدالتي فيصلي بعد پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل نيو ويو آھي.