خيرپور | رپورٽ | فهيم زيدي سکر انتظاميا پاران نيشنل پريس ڪلب سکر جي کي ڊاهڻ خلاف پريس ڪلب خيرپور ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پريس ڪلب خيرپور جي صدر خان محمد خان، اڳوڻي صدر غلام قادر سومرو، جنرل سيڪريٽري ثناءُ الله ميمڻ، سيد آصف زيدي، پريس ڪلب جي صدر خان محمد خان جي اڳواڻي ۾ مظاهري ڪيو ويو جنهن ۾ سول سوسائٽي ۽ صحافين سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هن چيو ته قلم کي طاقت ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا هميشه وانگر ناڪام ٿيندي، سکر انتظاميا جي ڏاڍاين کي برداشت نہ ڪيو ويندو ۽ هر حال ۾ نيشنل پريس ڪلب سکر سان گڏ بيٺا آهيون. هنن چيو ته سکر انتظاميه ۽ ميونسپل اختيارين نوٽيس واپس وٺن. صحافين جي بقا لاءِ آخري دم تائين وڙهنداسين. خيرپور سميت سڄي سنڌ جا صحافي سخت احتجاج ڪندا. ان موقعي تي شجاعت صديقي، شاهد سيال، علي جعفري، خادم ميراڻي عابد بلوچ، ثاقب صديقي، شهباز سيال، شعيب چنا، رضا جعفري، فهيم زيدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
