اوڏيرولال | رپورٽ | نتيش ملھوترا 20-4-2023 اوڏيرولال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو، ويڪسين اڻلڀ، ڇتي ڪتي 6 سالن جي شاگرد راول ولد راڌو ميگھواڙ کي اسڪول ويندي ڏاڙهي وڌو، ويڪسين نہ ٿي، شاگرد جي وارثن احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي تہ اسان ڇتي ڪتي ڏاڙهيل راول ميگهواڙ کي فوري طور بيسڪ هيلٿ سينٽر طاھر ھنڱورو وٺي وياسين، جتي ڊاڪٽرن پاران ويڪسين نہ ھجڻ جو چئي جواب ڏي ڇڏيو تہ مٽياري وڃي ويڪسين ڪرايو. هنن چيو تہ اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون اسان وٽ ايترو خرچ ناهي جو مٽياري وڃي سگهون. هنن ڊي سي مٽياري ۽ ڊي ايڇ او مٽياري کان مطالبو ڪيو تہ نوٽيس وٺي اسان جي معصوم راول کي ڇتي ڪتي جي ويڪسين ڪرائي وڃي
