26

اوڏيرولال لڳ ڳوٺ گل محمد ڇٽو ۾ 10 کان مٿي عورتون ۽ ٻارڙا پرسرار بيماري ۾ وڪوڙجي ويا، چونڊيل نمائندن، ڊي سي مٽياري سميت صحت کاتي ڪو بہ نوٽيس نه ورتو، اسان بيماري سبب مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون

مٽياري | رپورٽ | سومار ڇٽو اوڏيرولال لڳ ڳوٺ گل محمد ڇٽو ۾ 10 کان مٿي عورتون ۽ ٻارڙا پراسرار بيماري ۾ وڪوڙ جي ويا آهن. ان موقعي تي معذور زهران ڌيءَ ڌربان ڪيهري، 13 سالا غلام قادر، 5 سالا محمد پناھ، 36 سالا عاشي ڌيءَ لعل محمد ڇٽو، 10 سالا اسماعيل ولد خان محمد ڇٽو، 16 سالا مصطفيٰ ولد عبدلواحد ڇٽو، 30 سالا طالب ولد مولا بخش ڇٽو، 17 سالا جميلا ڌيءَ محمد ياسين کوسو، 12 سالا نويد ولد عبدلخالق پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. معذورن جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان هنن جي علاج لاءِ پنهنجو الھہ تلهہ وڪڻي ڇڏيو آهي، هاڻ اسان وٽ ايتري سگھ ناهي جو سندن وڌيڪ علاج ڪرائي سگهون، ڊاڪٽر علاج لاءِ لکين رپين جي گهر ڪري رهيا آهن. هنن چيو تہ هن مهل تائين چونڊيل نمائندن، ڊي سي مٽياري ۽ ڪنهن بہ سرندي واري اسان جي مدد ناهي ڪئي. هنن مطالبو ڪيو تہ انسانيت جي ناتي اسان جي مدد ڪئي وڃي تہ جيئن مختلف بيمارين ۾ جڪڙيل معذور ماڻهن جو علاج ڪرائي سگهون

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں