اسلام آباد: (خميس: 20 اپريل 2023ع) وزيراعظم چيو آهي ته عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي، ان کي ري رائيٽ نٿي ڪري سگهي، اهو اختيار رڳو پارليامينٽ کي آهي.
اسلام آباد ۾ ڪينسٽيٽيوشن موبائل ايپ جي تقريب سان خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته آئين پارليامينٽ جي هنج مان جنم ورتو آهي، سڀني ادارن کي آئين جي پاسداري لاءِ هڪ ٿيڻو پوندو.
هن چيو ڪڏهن ناهي ٿيو ته پارليامينٽ ڪو قانون ٺاهي ۽ عدليه ان تي منع نامو جاري ڪري ڇڏي، رياست کي بچائڻ لاءِ پنهنجو سياسي اثاثو قربان ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائينداسين
