20

سي آئي اي پوليس کنڊو اسٽاپ ڀرسان منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ دائم سنگراسي کي گرفتار ڪري ورتو جنھن بعد ڳوٺاڻن نيشنل ھائي وي بند ڪري احتجاج ڪيو

Enter

ھالا | رپورٽ | اعجاز ٻگهيو 19-4-2023 سي آئي اي پوليس بيٽ 2 جي اھلڪارن کنڊو اسٽاپ ڀرسان ڳوٺ محمد علي سنگراسي ۾ ڪاروائي ڪندي منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ دائم سنگراسي کي گرفتار ڪري ورتو جنھن بعد ڳوٺاڻن نيشنل ھائي وي بند ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو جنھن ۾ محمد ھاشم بابلو اڪبر سائينڏنو مٺو ۽ ٻين قومي شاھراه بند ڪري سي آئي اي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاھرين جو چوڻ ھو تہ سي آئي اي پوليس اسان جي نوجوان کي ناحق بيگناھ منشيات جو ڪوڙو الزام لڳائي گرفتار ڪيو آھي ھنن مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي روڊ ٻنھي طرفن سان بند ھئڻ سبب روڊ جي ٻنھي طرف سوين گاڏيون بيھجي ويون آھن مظاھرين ۽ ڀٽ شاھ پوليس جي وچ ۾ ڳالھيون ھلندڙ آھن:

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں