17

پيٽرول تي رليف واري اعلان تي اهم بيان سامهون اچي ويو

لاهور: (اڱارو: 18 اپريل 2023ع) پيٽرول پمپس ڊيلرز ايسوسيئيشن عوام کي سستي پيٽرول جي فراهمي جي اسڪيم جي مخالفت ڪري ڇڏي.
پيٽرول پمپس ايسوسيئيشن جي چيئرمين سميع خان چيو آهي ته سستي پيٽرول جي فراهمي جي اسڪيم عمل جوڳي ناهي، ان جي ادائيگي جي طريقي ڪار تي خدشا آهن، ادائيگي وقت تي نه ٿيندي ته اهو نئون گردشي قرض ٺهندو.
هن چيو عوام کي ڪوڊ بدران پرچي ڏني وڃي ته پوءِ سوچي سگهجي ٿو.
پيٽروليم وزارت پيٽرول پمپ ڊيلرز جي خدشن جو معاملو اوگرا حوالي ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته حڪومت 800 سي سي کان گهٽ گاڏين، موٽر سائيڪلن کي مقرر اگهه کان 100 رپيا سستو پيٽرول فراهم ڪرڻ جي اسڪيم آڻڻ جو اعلان ڪيو هو.
ذريعن موجب حڪومت ون ٽائم پاس ورڊ ذريعي واهپيدارن کي سستو پيٽرول ڏيڻ چاهي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں